روح رهاڻ4

روح رهاڻ4

روح رهاڻ4

روح رهاڻ4 (رسالو): سنڌ جي مشهور اديب، صوفي ۽ ٿياسافسٽ سرڳواسي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ٿياسافيءَ ۽ تصوف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ نالي هڪ رسالو 1923ع ۾ جاري ڪيو هو. مرزا نادر بيگ هن رسالي جو نائب ايڊيٽر هو. هن رسالي ۾ قرآن، گيتا، تصوف، ويدانت، ٿياسافي ۽ روحانيت جي باري ۾ معياري مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا.
هيءُ رسالو 1944ع تائين باقاعدگيءَ سان جاري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ ڄيٺمل پرسرام جي پٽ هي رسالو بمبئيءَ مان به ڪجهه وقت جاري رکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو